ظهير عباس

ظهير عباس

ظهير عباس

ظهير عباس: ڪرڪيٽ جي رانديگر ظهير عباس جولاءِ 1947ع ۾ سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو. هن جو شمار دنيا جي نمايان ترين رانديگر ۾ ٿيندو آهي. هن پنهنجو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ڪيريئر 1965ع ۾ شروع ڪيو. ڪراچي پي ڊبليو ڊي، داؤد انڊسٽريز سنڌ ۽ پي. آئي. اي جي لاءِ کيڏيو. انگلستان ۾ انگلش ڪاؤنٽي گلوسٽر شائر جي طرفان کيڏندو رهيو آهي. فرسٽ ڪلاس ڪرڪٽ ۾ 8 سينچريون ٺاهيائين ۽ تيرهن ڀيرا ٻه سو رنسون ٺاهيائين. ٽيسٽ ڪيريئر جو آغاز 1969ع ۾ ڪيو. 78 ٽيسٽ ميچن ۾ 124 اننگز کيڏيو، 44.79 جي اوسط سان 5062 رنسون ٺاهيائين، ٻارنهن سينچريون ٺاهي لٽل ماسٽر (Little Master) حنيف محمد جي يارنهن سينچرين وارو رڪارڊ ٽوڙيائين. هڪ اننگز ۾ وڌ ۾ وڌ 274 اسڪور اٿس جيڪو هن برمنگم ٽيسٽ ۾ انگلستان جي خلاف ڪيو. 34 ڪيچ ڪيائين. هن ڪرڪيٽ ڪپتان جي حيثيت ۾ 16 ٽيسٽ مئچن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڪئي. 3 ٽيسٽ ميچ جيتيائين، ٽن ۾ شڪست ۽ ڏهه برابر ڪيائين. هي ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندو هو ۽ رائٽ آرم آف بريڪ باؤلنگ ڪندو هو. ظهير عباس چشمو لڳائي کيڏندو هو ۽ پنهنجي منفرد اسٽائل ۽ تيزيءَ سان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جي ڪارڻ هن کي ايشيائي بريڊمين جو خطاب ڏنو ويو.


لفظ ظهير عباسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو